سسئي پنهون

سسئي پنهون

سسئي پنهون

سسئي پنهون (ڪتاب): پنجـابـي اديـب هـرنام سنگھه ’شان‘ جي ڪتاب ’سسئي هاشم‘ جو اختصار سان ترجمو، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ جي ايڊيٽر شپ ۾ گوبندسنگھه منسکاڻيءَ ڪيو آهي. مهاڳ ۾ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ لکيو آهي ته: سسئي پنهونءَ جي قصي کي ساهتيه ۾ هڪ خاص اهميت آهي... ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي سر زمين ڪافي وسيع هئي ۽ هڪ پاسي ڪشمير ته ٻئي پاسي ڪيچ مڪران سان وڃي ٿي ملي... ٻاهرين ماڻهن جي آمدرفت ۽ سنڌين سان ملڻ جلڻ سبب سنڌ جا ڪيترا قصا ٻين ملڪن ۾ پهتا... رڳو سنڌ ۽ ڀرواري پرانت پنجاب جي مشهور ڪهاڻين جو مثال ٿا وٺون ته سنڌي سهڻي ۽ ميهار کي سنڌ جا رهاڪو ٿا سڏين ۽ سندن عشق ۽ محبت، خود ٻڏڻ جي جاءِ ڪي شهدادپور ته ڪي ٺٽو ٿا ڏيکارين. پنجابي شاعر ۽ ڪهاڻي نويس وري کين پنجابي ڄاڻي، ڪي راوي ته ڪي چناب جي ڪناري جا حوالا ٿا ڏين...
پنجاب يونيورسٽيءَ جي پروفيسر هرنام سنگھه گھڻي جاکوڙ ۽ اڀياس کانپوءِ ’سسئي هاشم شاهه‘ اٽڪل 800 صفحن جو ڪتاب، پنجابي زبان ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪهاڻيءَ ۾ سيد هاشم جو منظوم قصو ۽ ڪهاڻيءَ سان لاڳاپو رکندڙ مثال ۽ روايتون پيش ڪيا آهن...
هن پنهنجي تحقيق کي اردو، انگريزي، پنجابي، فارسي، گجراتي، راجستاني، هندي ۽ سنڌي ٻولين، يهودي ۽ يوناني ڏند ڪٿائن، فلم ۽ ريڊيو روپانترن مان ڪهاڻيءَ جي بنياد، زمان ۽ مڪان واسطي حوالا ۽ سمجهاڻيون ڏنيون آهن... پروفيسر هرنام سنگھه جي اجازت سان ان ڪتاب جو اختصاري ترجمو ساهتيه اڪادميءَ ڪري ڇپايو آهي، جيڪو سسئي پنهونءَ بابت وڌيڪ کوجنا ۽ تاريخي ڇنڊ ڇاڻ جو باعث بڻيو. ڊيمي سائيز جي 216 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ساهتيه اڪيڊمي، نئين دهليءَ 1970ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قميت 6 روپيا آهي.


لفظ سسئي پنهونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو